اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته باغي اڳواڻن مان ڪجهه ماڻهو واپس اچڻ لاءِ اسان سان رابطو ڪر?? چڪا آهن، فيصل جاويد خان سپريم ??ورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باغي ميمبرن کي شوڪاز ڏنو آهي ته انهن کي سدائين لاءِ سياست ختم ڪرڻي آهي يا واپس اچڻو آهي. فيصل جاويد چيو ته ڇا ماڻهن جي نمائندگي اهي پارليامينٽرينز ڪر?? رهيا آهن، قوم فيصلو ڪر?? ورتو آهي ته هارس ٽريڊنگ جي خلاف آهي، هن چيو ته اها جمهوريت نه ڏي وٺ آ??ي.