اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته يوم مئي اسان کي پورهيت طبقي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ظلم، ستم، استحصال ۽ ناانصافي جي خلاف شڪاگو ۾ فوت ٿيندڙ مزدورن جي جدوجهد کي ياد ڪندي اسان مزدور طبقي جي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، اڄ جو ڏي??هن پاڪستاني مزدور ڪميونٽي جي ڪردار، صلاحيتن، ڪم سان لڳاءُ، ملڪ جي خو??حا??ي ۽ ترقي پسند قوم جي عزت جي علامت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار يوم مئي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ ڪيو جيڪو اڄ آچر تي سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پورهيت طبقو ڪ??هن به ملڪ جي ترقي ۽ خو??حا??ي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو آهي ت??هن ڪري اسان تي لازمي آهي ته ا??هن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ ا??هن جي خدمتن جي معاوضي جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائون. هن چيو ته دنيا جي سمورن مهذب معاشرن پنهنجي پورهيت طبقي جي حقن ۽ ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانونسازي ڪري رکي آهي، هن چيو ته موجوده جمهوري حڪومت مزدورن جي ترقي ۽ خو??حا??ي لاءِ مزدور دوست پاليسيون جوڙي رهي آهي، اسپيڪر چيو ته ملڪي ترقي لاءِ حقن ۽ فرضن ۾ توازن انتهائي اڻٽر آهي، هن مزدور برادري کي اهو پيغام ڏنو ته هو ملڪ جي ترقي ۽ خو??حا??ي لاءِ محنت ۽ جانفشاني سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن، ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني يوم مئي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا جي افرادي قو?? کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته افرادي قوت ڪ??هن به ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، هن چيو ته ملڪ ۾ موجوده جمهوري حڪومت مزدور برادري ۽ ا??هن جي خاندانن جي ڀلائي ۽ خو??حا??ي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ مزدورن جي گهٽ کان گهٽ اجرت 25000 هزار مقرر ڪئي آهي جيڪا مزدور برادري جي حقن جي تحفظ جي عڪاسي آه??. ه?? مزدور طبقي جي حقن جي تحفظ ۽ کين بهتر معيار زندگي جي فراهمي جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو.