اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊپ??ي اسپيڪر اهو اختيار نٿو رکي ته رولنگ ڏئي عدم اعتماد جي تحريڪ رد ڪري. اٽارني جنرل ڊپ??ي اسپيڪر جي رولنگ جو سپريم ڪورٽ ۾ دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته جنهن ڏينهن عدم اعتماد تي و??ٽنگ ٿي رهي هئي ان ڏينهن ڊپ??ي اسپيڪر آئين جي ابتڙ رولنگ ڏني. ڊپ??ي اسپيڪر اهو اختيار ئي نٿو رکي ته رولنگ ڏئي عدم اعتماد جي تحريڪ رد ڪري جنهن وقت عدم اعتماد تي و??ٽنگ لاء?? تحريڪ پيش ٿي هئي ڊپ??ي اسپيڪر رولنگ نٿو ڏئي سگهي، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اٽارني جنرل جنهن کي ڊپ??ي اسپيڪر جي رولنگ جو دفاع ڪرڻو هو، سپريم ڪورٽ آڏو رولنگ جو دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪري هليو ويو آهي.