اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مم??ون حسين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پاران آزادي ڪپ کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. قوم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ صدر آزادي ڪپ ۾ ورلڊ اليون خلاف شاندار ڪاميابي تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي پڻ مبارڪباد ڏني آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اهتمام هيٺ آزادي ڪپ جي عالمي ڪرڪيٽ ??يو??ٽ منعقد ڪرڻ جي جرئت??ند??ڻي فيصلي سان پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بح??لي جي راهه هموار ٿي وئي آهي.