اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ح??وم?? جي موثر حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام تي بچاءُ جي ايس او پيز ۽ گائيڊ لائينز تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻائين، وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو دورو ڪندو ۽ سينيٽ جو به خصوصي اجلاس گهرايو ويندو، وفاقي ڪابينا گذريل مهيني پيٽرول جي کوٽ تي جاچ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ملڪ ۾ ڪڻڪ، اٽي ۽ کنڊ جي کوٽ ن?? آهي، ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ضلعي انتظاميا کي هدايتون ڏنيون ويون آهن، يورو فائيو پيٽرول جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي، ڪر??چي ۾ برساتن کانپوءِ سيوريج جو نظام مڪمل طور تي فيل ٿي چڪو آهي، ڪر??چي جي صورتحال ڏسي اهو لڳي ٿو ته اتي ڪنهن جي به ح??وم?? نه آهي، وزيراعظم عمران خان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن ۽ رهتن جي فراهمي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي ڪر??چي سميت سڄي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ڪيو، وفاقي ح??وم?? ڪر??چي جي عوام کي سنڌ ح??وم?? جي رحم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهي، ڪر??چي ۾ ح??وم?? ۽ اتحادي پارٽين جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ڪر??چي جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهن ۽ نيڪاسي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وفاق انهن کان تجويزون گهريون آهن.