حيدرآباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا تسليم ڪيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو موقف صحيح ?? ٻه قومي نظريو هڪ حقيقت آهي، پاڪستان ۾ غير مسلم محفوظ ۽ ڀارت ۾ اقليتن سان ناروا ۽ انسانيت سوز سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپورخاص ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ذميوارن طرفان استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هندستان جي ورهاست هڪ ناگزير حقيقت آهي ?? اڄ ڀارت ۾ اقليتن سان جيڪو ناروا ۽ انسانيت سوز سلوڪ ٿي رهيو آهي اهو به سڄي دنيا ڏسي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن ۽ غيرمسلمانن کي اظهار راءِ جي آزادي کان وٺي جاني ۽ مالي، عزت ۽ آبرو، محفوظ آهي ?? اسان قائداعظم جي ويزن مطابق ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان لاءِ اهو سٺو سنوڻ آهي ته قائداعظم جو تعلق سنڌ صوبي سان هو. هو هتي پيدا ٿيو ۽ هتي ئي دفن ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪووڊ-19 کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ موثر حڪمت عملي اپنائي آهي. ان ڪامياب حڪمت عملي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي.