اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪور??نا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا جي 545 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 م??يض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 808 ڪور??نا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 13 هزار 314، پنجاب ۾ 11 هزار 409، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 435، اسلام آباد 3 هزار 52، بلوچستان 656، گلگت بلتسان ۾ 753 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 455 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 91 هزار 169 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪور??نا جو م??يض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 102 ڪور??نا جا م??يض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 66 آهي.