اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو. هائوسنگ واري وزارت پاران وزيراعظم کي وفاقي حڪومت جي ادارن جي دير جو شڪار منصوبن تي ڪم جاري ڪرڻ، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي منصوبن جي نتيجي ۾ تعمير ٿيندڙ هائوسنگ ي??نٽ?? ۽ ??نه?? منصوبن جي ماليت جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جا تقريبن 10 منصوبا گذريل ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا جنهن تي ٻيهر ڪم جاري ڪيو ويو ??هي ان جي نتيجي ۾ 38667 ي??نٽ?? تعمير ٿيندا. ??نه?? منصوبن جو ڪاٿو 120.21 ارب روپيا آهي، ??نه?? طرح پاڪس??ان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن جا ٽي منصوبا جيڪي ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا ۽ جن تي ڪم جو ٻيهر آغاز ڪيو پيو وڃي ان جي نتيجي ۾ 5372 ي??نٽ?? تعمير ٿيندا جنهن جو ڪاٿو 27.85 ارب روپيا آهي، هن سال جاري منصوبن جي نتيجي ۾ 26625 ي??نٽ?? تعمير ٿيندا جنهن جي ماليت 213.4 ارب روپيا آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سال 2020ع جي ايندڙ سال جاري ٿيندڙ منصوبن جي نتيجي ۾ 25017 ي??نٽ?? تعمير ٿيندا جنهن جي ماليت جو ڪاٿو 112.03 ارب روپيا آهي.