ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اسان جي ملڪ جي اڌ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ هڪ مثالي رياست جي قيام لاءِ عور??ن کي سندن جائز حق ڏيڻا پوندا، عور??ن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ هڪ اسلامي ۽ مثالي رياست جو خواب ڪڏهن به پورو نه ??و ٿي سگهي، معاشري کي عورتن لاءِ محفوظ بنائڻو آهي، اسان جي ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ عور??ن کي وراثت جي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي جيڪا سراسر نا انصافي آهي ۽ اسلام جي روح جي برخلاف آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان عور??ن کي معاشي طور تي خودمختيار بنائڻ لاءِ گهڻيون سٺيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن، عور??ن کي انهن سهول??ن کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. انهن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ آل پاڪستان ويمنز ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ ”پاڪستان ۾ صنفي برابري جي صورتحال“ جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خاص مه??ان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته پاڪستاني عورتن هميشه مردن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ آل پاڪستان ويمنز ايسوسيئيشن جو قيام به تحريڪ پاڪستان جي سرگرم عورت اڳواڻ بيگم رعنا لياق علي خان عمل ۾ آندي. ابتدائي طور تي ان مقصد جو ورهاڱي بعد مهاجرن جي ٻحران کي منهن ڏيڻ هو. اپوا جي تاريخ ??ان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته پاڪستاني عورتون ڪنهن کان گهٽ نه آهن ۽ جڏهن به پاڪستان کي ضرورت پئي آهي اسان جي عورتن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. اپوا عورتن جي حقن ۽ قانونن جي بهتري لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي وڏي تعداد کي وراثت ۾ حصو نه ??لندو آهي. هن چيو ته اهو افسوس جو مقام آهي ته اسلام ۾ عورتن جي وراثت جي حوالي سان تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي، عور??ن کي وراثت ملڻ ??هرجي پر اسان جي ملڪ جي ملڪ جي ڪن علائقن ۾ عور??ن کي وراثت جي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناانصافي آهي ۽ اسلام جي روح جي برخلاف آهي. خاتون اول چيو ته معاشري کي عورتن لاءِ محفوظ بنائڻ گهڻو ضروري آهي. گهر ۽ گهر کان ٻاهر عورتن تي تشدد نه ??يڻ گهرجي ، اسان کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ تي ڪم ڪرڻو آهي، حڪومت ان تي ڪم ڪري رهي آهي. اسين عورت دوست معاشري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. عورتن جي ڀلائي ۾ ڪٽنب جي ڀلائي آهي ۽ ڪٽنب جي ڀلائي ۾ معاشري جي اصلاح آهي. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ بريسٽ ڪينسر جي عدم آگاهي سبب فوتگين جي شرح تمام گهڻي آهي. آگاهي لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر ان تي اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.