اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هنن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي ڌار ڌار ??يغامن ۾ چيو آهي ته 14 آگسٽ جو ڏينهن اسان کي ملڪ حاصل ڪرڻ لا??ِ اسان جي بزرگن جي جدوجهد ۽ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. هنن چيو ته بزرگن جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۽ هن ملڪ کي هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ اسان جي گڏيل ذميداري آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 14 آگسٽ جو ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لا??ِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين ۽ پنهنجون سموريون توانايون پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لا??ِ خرچ ڪنداسين. هن چيو ته قومي سالميت ۽ ملڪي استحڪام لا??ِ جمهوري اصولن تي ڪاربند هجڻ ۽ اجتماعيت جو جذبو پيدا ڪرڻ ضروري آهي. هن ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ قوم جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته قوم مس??قب?? ۾ به ان وبا کان بچاءُ لا??ِ صحت کاتي پاران جاري ايس او پيز تي سختي سان عم??درآمد ڪندي. هن موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ مسئلن تي ضابطو آڻڻ لا??ِ ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ جي لا??ِ وزيراعظم عمران خان جي 10 بلين ٽري سونامي منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان سدائين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ انهن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ڪندو رهندو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي معصوم شهرين تي ڀارتي ظلم پوري دنيا جي ضمير جو امتحان آهي. هن چيو ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي تحريڪ کي دٻائي نٿي سگهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميري عوام ڀارتي ڏاڍ کان آزاد ٿيندي ۽ ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اسپيڪر چيو ته موجوده حڪومت باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي سماجي فلاحي رياست بڻائڻ جي ويزن کي عم??ي جامو پ??را??ڻ لا??ِ پرعزم آهي. هن چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار حڪومتي پاليسين تي آهي ۽ موجوده حڪومت ملڪي ترقي ۽ قوم جي خوشحالي لا??ِ جامع پاليسيون جوڙي رهي آهي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته اهو ڏينهن اسان کي پنهنجي بزرگن پاران هڪ ڌار ??لڪ جي لا??ِ ڏنل عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو جيڪي هنن هڪ اهڙي آزاد ۽ خودمختيار ??لڪ لا??ِ ڏنيون هيون جتي هر شهري کي برابر حق حاصل هجن ۽ اهي مڪمل آزادي سان پنهنجي مذهبي عقيدن ۽ رسمن موجب زندگي گذاري سگهن. هن قائداعظم محمد علي جناح جي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي رهنما اصولن تي عم??درآمد جي ضرروت تي زور ڏيندي چيو ته اسان باباءِ قوم جي رهنما اصولن تي عم??درآمد ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي تي گامزن ڪري سگهون ٿا.