اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چين جي سفير نونگ رونگ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ، ويڪسين ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چين جي سفير وزيراعظم عمران خان کي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران نيڪ خواهشن ۽ پا??ست??ن جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪاد جو پيغام پهچايو. وزيراعظم چيني قيادت کي مبارڪباد جي پيغام تي پنهنجي خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پا??ست??ن جي ڪووڊ – 19 خلاف جنگ ۾ چين جي مسلسل حمايت ۽ ڪووڊ ويڪسين سهولت تحت ويڪسين جي فراهمي جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن ۽ چين فولادي ڀائر آهن ۽ ڪن??ن به دشمن قوت کي ان دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سي پيڪ تبديلي جو ??نص??بو آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ کي بي آر آءِ جو اعليٰ معيار جو ??نص??بو بڻائي سگهجي. هن چيو ته پا??ست??ن جي ح??وم?? سي پيڪ ??نص??بن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهي، ملاقات ۾ واپار، ڪامرس، سيڙپڪاري، چين ۽ پا??ست??ن جي عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ کاڻين ۽ قدرتي وسيلن بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ته افغانستان جي تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، وزيراعظم پا??ست??ن جي ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته هو افغان تڪرار جي سياسي حل لاءِ ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.