اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل الر??ما?? جو پاڪستاني پارلياماني سياست ۾ ڪو ڪردار نه آهي، پارليامينٽ بابت اهي ئي ڳالهه ڪرڻ جا مجاز آهن جيڪي پارليامينٽ جو حصو آهن، پي ڊي ايم انهن ??و ناڪام ترين پروگرام آهي، تاريخن تي تاريخون انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي، فضل الر??ما?? 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي، جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صا??ق ۽ امين قرار ڏنل وزيراعظم عمران خان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري ٿو. فضل الر??ما?? جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان واحد شخص آهي جنهن کي عالمي سطح سان گڏوگڏ پاڪستان جي اندر به پذيرائي حاصل آهي، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجو سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، فضل الر??ما?? (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ۾ حصيدار آهي، فضل الر??ما?? حقيقتون ٻڌائڻ کان عاري آهي، 2018ع جي اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ انهن جي دماغي پوزيشن ٺيڪ ناهي رهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي اليڪشن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ڊبل ووٽ کڻنداسين. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت ۾ اليڪشن جي فارم مان ختم نبوت جو خاتمو ڪرڻ جي تائيد ۽ ??ما??ت ڪندڙ فضل الر??ما?? ??هي. وزيراعظم عمران خان ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، 22 ڪروڙ عوام اسلام جي آڙ ۾ ذاتي مفادن جي سياست ڪندڙن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي.