اسلام آباد – 05 جنوري (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪله – ڊيره اسماعيل خان موٽر وي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اهو منصوبو چين – پا??ستان اقتصادي راهداري ( س?? پيڪ) جي اولهندي رستي جو اهم جز آهي. 293 ڪلوميٽر ڊگهي ان موٽر وي تي 11 انٽر چينجز، 36 پل، 33 فلائي اوورز ۽ 119 انڊرپاسز تعمير ڪيا ويا آهن، ان موٽر وي جي تڪميل سان ڊيره اسماعيل خان، اتر پنجاب، ڏکڻ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ڪاروباري مرڪز جي طور تي اڀرندا ۽ انهن ??لائقن جي زرعي جنسن جي وڏين منڊين تائين پهچ اسان ٿي ويندي.