اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته آس??ريا جي ڪمپنين لاءِ پا??ستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن جڏهن ته آس??رين پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ چيو ته پا??ستان آس??ريا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، آس??ريا پا??ستان سان سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آس??رين هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ يوڪرين جي صورتحال به غور هيٺ آندي وئي، هن چيو ته اسان موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي جو رستو طئي ڪيو آهي، هن چيو ته اڄ اسان جي ڳالهه ٻولهه واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي مرڪوز رهي، شاهه محمود قريشي چيو ته آس??ريا جي پرڏيهي وزير سان گڏ دوري تي آيل واپارين جو وفد تعاون ۾ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي غرض سان پنهنجي پا??ستاني هم منصبن ۽ واپار واري صلاحڪار سان ڳالهيون ڪندو. آس??ريا جي پرڏيهي وزير چيو ته هو پنهنجي مڪ جي 20 واپارين سان گڏ آهي ۽ هائيڊرو جن پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عالمي اڳواڻ هجڻ جي ڪري ??و پا??ستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين جي ڳولا ۾ آهي. پرڏيهي وزير آس??رين هم منصب کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان به آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان 20 ملين آبادي تي ٻڌل وڏي منڊي آهي ۽ هي علائقائي واپار جومرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ڳالهين جي مثبت نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي ۽ چيو ته اسان پا??ستان سدائين تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏنو آهي ڇو ته اسان جنگين جي وڏي مالي ۽ جاني قيمت ادا ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي ۽ اسان ڳالهين ۽ سفاتڪاري سان تڪرار حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ جا اثر يورپ کان ٻاهر آهن ۽ پا??ستان سميت اسرندڙ ملڪ ان جو نتيجو پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن جي صورت ۾ محسوس ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پا??ستان جا يوڪرين سان بهترين لاڳاپا آهن، پا??ستان عالمي قانونن ۽ يو اين چارٽر تي يقين رکي ٿو ۽ سمورن ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، پا??ستان گذريل ڏينهن انساني همدردي جي بنياد تي يوڪرين کي امداد موڪلي آهي. هن چيو ته جنگين سان سدائين اسرندڙ ملڪن جي معيشتن تي منفي اثر پيا آهن. آس??ريا جي پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس ملڪ پا??ستان سان سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته هو 20 ميمبرن تي مشتمل واپارين جي وفد سان گڏ آيو آهي، جيڪي هائيڊرو پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عبور رکن ٿا، اهي پا??ستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين ۾ سيڙپڪاري چاهين ٿا، اليگزينڊر شلن برگ تازو ئي پشاور ۾ مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پا??ستان ۽ آس??ريا ٻئي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، هن افغانستان کان پنهنجي شهرين جي واپسي ۾ تعاون تي پا??ستان جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، هن چيو ته پا??ستان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن اميد ظاهر ڪئ?? ته اسلامي ملڪ افغانستان ۾ امن ??ائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته يوڪرين جنگ سان ٻي جنگ عظيم کانپوءِ وڏي پئماني تي يورپ کي لڏپلاڻ جاري آهي ۽ هن وقت تائين 10 ملين ماڻهن يوڪرين کان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.