اسلا?? آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسلا?? آباد جي جيل ڪامپليڪس جي منصوبي ۾ ڪيترن ئي سالن جي دير جو نوٽيس وٺندي ايندڙ مالي سال ۾ جيل جي تعمير مڪ??ل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ منصوبي جي جائزي لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه ان حوالي سان حڪمنامو جاري ڪيو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ گهرو، هائوسنگ، منصوبابندي وارين وزارتن جا سيڪريٽريز، اسلا?? آباد چيف ڪمشنر ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين شامل آهن. وزيراعظم معاملي تي ڪميٽي کان هڪ هفتي اندر رپورٽ گهرندي اسلا?? آباد ماڊل جيل ڪامپليڪس جو ساالن کان التوا هيٺ پيل منصوبو هنگامي بنيادن تي مڪ??ل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جديد ترين عالمي معيار ۽ سهولتون رکندڙ اسلا?? آباد جيل جي تعمير فنڊ نه هجڻ سبب مڪ???? نه ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ مالي سال ۾ ان منصوبي کي مڪ??ل ڪيو وڃي. واضح رهي ته اسلا?? آباد جي ڪامپليڪس کي دنيا جي جديد جيلن تحت تعم??ر ڪيو پيو وڃي. اسلا?? آباد جي پنهنجي جي?? نه هجڻ سبب قيدين کي 6 ڏهاڪن کان اڊيالا جيل ۾ رکيو پيو وڃي. اسلا?? آباد ۾ موٽروي وي??هو سيڪٽر ايڇ 16 ۾ 90 ايڪڙ تي ٻڌل اها جديد جيل تعمير ٿي رهي آهي. ٻه ماڙ بيرڪن واري ان جيل ۾ 2000 قيدين کي رکيو ويندو. اسڪول، مسجد، ٽريننگ سينٽر، راند جو ميدان، آءِ سي ٽي جون عدالتون به ان جيل ڪامپليڪس جو حصو آهن. جيل عملدارن جي تربيت جو مرڪز به منصوبي جو حصو آهي.