اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جون بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پاڪ فضائيه جي ??رجمان مطابق ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر س??و طرفان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هر ممڪن مدد پهچائڻ جي هدايتن جي ??وشني ۾ پاڪ فضائيه جون بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پاڪ فضائيه انهن سمورن ضرورتمند ڪٽنبن تائين عا?? واهپي جون شيون پهچ??ئي رهي آهي جن جا گهر ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهن. ترجمان مطابق پاڪ فضائيه طرفان 41 خيما ۽ 12000 ڪلوگرام بنيادي اهم واهپي واريون شيون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون متاثر ڪٽنبن ۾ ورهايون آهن. پاڪ فضائيه جي پيراميڊڪل ٽيم 410 مريضن جو مفت طبي معائنو به ڪيو آهي.