اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزارت آمريڪا، جاپان، فرانس، جرمني ۽ برطانيه سميت ٻين 7 ملڪن جي 15 عالمي اين جي اوز کي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪ??ن لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي، انهن اين جي اوز جون پهريان کا?? پاڪستان ۾ آفيسون موجود هيون، انهن اين جي اوز کي انهن متاثر ماڻهن جي مدد، رليف ۽ بحالي جو اين او سي به جاري ڪ??و ويو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪ??ن لاءِ ٽير فنڊ (برطانيه)، سڪيور اسلامڪ فرانس (فرانس)، مرسي ڪارپس (آمريڪا)، لائف لائن ڪرسچن ڊولپمينٽ سروسز (جرمني)، مسلم هينڊز (برطانيه) سي بي ايم اي ڊاٽ وي ڊاٽ (جرمني)، ترڪي معرف فائونڊيشن (ترڪي)، ڪيٿلڪ رليف سروسز (آمريڪا)، اي اي آر جاپان (جاپان)، ڪي اين ڪي جاپان (جاپان)کي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪ??ن جي اجازت لاءِ گهرو وزارت خميس ڏينهن باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهي انٽرنيشنل اين جي اوز پهرين کا?? پاڪستان وٽ رجسٽرڊ آهن، کين صرف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو، رليف، بحالي ۽ امدادي ڪ??ن لاءِ اجازت ڏني وئي آهي.