اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار جو ”عورتون ترقي جي ايجنڊا جو مرڪز آهن“ جي موضوع تي پلينري سيشن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. انساني حقن بابت پارلياماني سيڪريٽري سيده نوشين افتخار صدارت ڪئي. پاڪ??تا?? ۾ گڏيل قومن جي عورتن جي نمائنده ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر نفيسا شا??ه، ڪشور زهره، ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، پارلياماني ڪاڪس جي نمائنده شا??ده رحماني ۽ هراسمينٽ بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪندڙ سيده نوشين افتخار سيشن کي آگاهه ڪيو ته ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ جي حق ۽ ڪم جي جاين تي غيررسمي ۽ روزگار جي ??وٽ وڏيون رڪاوٽون آهن. هن چيو ته 20 اسرندڙ ايشيائي ملڪن ۾ عورتن جي افرادي قوت جو اٽڪل 40 سيڪڙو حصو آهي پر ان مان رڳو 14.4 سيڪڙو اعليٰ انتظامي عهدن تي فائز آهي جڏهن ته عالمي سراسري 27.9 سيڪڙو آهي. ڪشمالا طارق خطاب ڪندي چيو ته پاڪ??تا?? هراسمينٽ جي خلاف اڳتي وڌي رهيو آهي. گذريل چئن سالن ۾ اسان 5000 ڪيسز حل ڪيا آهن ۽ ايستائين جو اعليٰ عملدارن تائين کي معطل ڪيو ويو آهي جن ۾ يورپ ۾ مقرر هڪ سفير ۽ پوليس آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ سزا ڏني وئي. پاڪ??تا?? پهريون ملڪ هو جنهن مخصوص سيٽن تي عورتن جي نمائندگي شروع ڪئي ۽ هاڻي پارليامينٽ جو 30 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ پي يو کي مردن جي برابر جنرل سيٽن تي عورتن جي نمائندن کي فروغ ڏيڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن ڪ??هن ملڪ پاران عورتن کي بااختيار بڻائڻ جون ڪ??ششون ڪ??ون وينديون ته پاڪ??تا?? ان سلسلي ۾ دنيا سان شا??ل هوندو. پاڪ??تا?? ۾ عورتن جي شڪايتن جي داخلا ۽ ازالي جي لاءِ جديد ترين ويب سائيٽ شروع ڪئي آهي. گڏيل قومن جي پاڪ??تا?? ۾ عورتن بابت نمائنده هڪ تفصيلي پريزنٽيشن پيش ڪئي جنهن ۾ تازي ٻوڏ دوران متاثر ٿيندڙ عورتن جي خراب حالت ۽ قانونسازي جي عمل ۾ عورتن جي مدد جي لاءِ پاڪ??تا?? پاران کنيل قدمن تي روشني وڌي وئي. عورتن جي پارلياماني ڪاڪس پاران شا??ده رحماني اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاڪس عورتن، کدڙا فقيرن ۽ خصوصي ضرورتون رکندڙ ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ جي بزنس ۾ عورتن جو حصو 70 سيڪڙو آهي.