مٺي – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ به ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ٿرپارڪر جي ضلعي انتظاميا، سماجي ڀلائي واري کاتي، تعليم واري کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ج?? تعاو?? سان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ساره جاويد جي قيادت ۾ ريلي ڪشمير چ??ڪ مٺي کان شر??ع ٿي پريس ڪلب مٺي تائين پڄاڻي تي پهتي. ان موقعي تي مٺي جي مختلف اسڪولن، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مٺي، گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول نارٿ ڪالوني، گورنمينٽ امر جڳديش بوائز هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني ۽ ٻين اسڪولن به ڪاري ڏينهن تي ڪشميري?? سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ريليون ڪڍيون. ريلين ۾ شريڪ شاگردن ۽ مختلف طبق?? سان تعلق رکندڙ ماڻهن هٿن ۾ بينر، جهنڊا ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا، جن تي ڪشمير بڻجندو پاڪستان، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشمير زندهه آباد جا نعرا لکيل هئا.