اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قم?? جاويد باوجوه ڪالهه سومر ڏينهن الوداعي مُلاقات ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل قم?? جاويد ب??جو?? جي پاڪ فوج، مُلڪي دفاع ۽ قومي مفادن جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان مُوجب وزيراعظم جيو اڪنامڪس جي اهميت جي حوالي سان جنرل قم?? جاويد ب??جو?? جي ڪردار کي ساراهيو، وزيراعظم چيو ته فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ، ڪورونا وبا ۽ ٻوڏ سميت مختلف بحرانن ۾ جنرل قم?? جاويد ب??جو?? جي قيادت ۾ پاڪ فوج مثالي خدمتُون سرانجام ڏنيُون، دهشتگردي جي لعنت کي ڪچلڻ لاءِ جنرل قم?? جاويد ب??جو?? جي قيادت ۾ پاڪ فوج وڏي بهادري، شجاعت ۽ بهادري سان ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته جنرل قم?? جاويد ب??جو?? تاريخ جي هڪ مُشڪل دور ۾ پاڪ فوج جي قيادت ڪئي، پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ جنرل قم?? جاويد ب??جو?? اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته مُشڪل علائقائي صورتحال ۾ جنرل قم?? جاويد ب??جو?? قائداڻي ڪردار سان سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ رُخ ??ئه ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي معاشي قوت بڻائڻ جي لاءِ سمُورين سياسي قوتن کي ميثاق معيشت تي صحيحُون ڪري گڏيل ڏاهپ جو مُظاهرو ڪ??ڻو پوندو، وزيراعظم آرمي چيف سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي دُنيا جي بهترين فوج جي قيادت ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، آرمي چيف جنرل قم?? جاويد ب??جو?? قومي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ڀرپُور تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل قم?? جاويد ب??جو?? جي مان ۾ مانجهاندو به ڏنو، آرمي چيف جنرل قم?? جاويد ب??جو?? سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ ڀرپُور تعاون تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.