اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي ت??زي سربراهه اجلاس کي موسمياتي ت??ديلي سان ملڪ ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن، ٻوڏ کان متاثر ??لائقن جي صورتحال، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان دوري پاڪستان کي ماحولياتي ت??ديلين جي اثرن خاص طور تي پاڪستان ۾ ان سان ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته سربراهه اجلاس وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه، گڏيل ڳڻتي جي ??طرفي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ فراهم ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، سعودي عرب جي ??لي عهد ۽ جرمن چانسلر سان پڻ ملاقاتون ڪيون جڏهن ته هن بحرين ۽ ڪويت جي ??لي عهد، ايسٽونيا، تاجڪستان، عراق، گڏيل عرب امارات ۽ يورپي ڪائونسل جي صدرن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??ن دوران بيلجيئم، هالينڊ، ناروي، اسپين، لبنان جي ??زيراعظمن ۽ انڊونيشيا جي ??ائب صدر سان گڏوگڏ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ آءِ ايم ايف جي ??ئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم ??ان گڏ پرڏيهي وزير، موسمياتي ت??ديلي واري وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير شرڪت ڪئي.