اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي معلومات ويب سائيٽ وڪي پيڊيا کي فوري بحا?? ڪرڻ جو فيصلو ڪندي اعتراض جوڳو مواد هٽائڻ جي لاءِ 5 رڪني ڪمي??ي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه جي صحيحن سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. بيان موجب وزيراعظم اهو فيصلو ٽن رڪني وزارتي ڪمي??ي جي سفارشن جي روشني ۾ ڪيو. ٽي رڪني ڪميٽي قانون ۽ انصاف، معاشي ۽ سياسي معاملن ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارن وفاقي وزيرن تي ٻڌل هئي. وزارتي ڪميٽي اجلاس منعقد ڪيو ۽ معاملي جو جائزو وٺندي چيو ته وڪي پيڊيا مفيد معلوماتي ويب سائيٽ آهي، شاگرد، محققين ۽ معاشري جا ٻيا طبقا ان مان فائدو کڻن ٿا، پوري ويب سائ??ٽ بند ڪرڻ مناسب نه آهي، اعتراض جوڳي مواد کي هٽائڻ جا قدم کنيا وڃن. بيان موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير ڪمي??ي جو س??بر??هه هوندو، قانون ۽ انصاف، اطلاعات ۽ نشريات، ڪامرس ۽ ڪميونيڪشن جا وفاقي وزير ڪمي??ي جي ٻين ميمبرن ۾ شامل آهن. ضرورت موجب ڪنهن ٻاهر کي ڪميٽي ۾ شام?? ڪري سگهجي ٿو، ڪميٽي هڪ هفتي ۾ وفاقي ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي وڪي پيڊيا تائين پهچ مڪمل بند ڪرڻ جي قدم جو جائزو وٺندي. ڪميٽي قدم تجويز ڪندي ته اعتراض جوڳي مواد تي پابندي ۽ ان تائين پهچ کي روڪي سگهجي. ڪميٽي مذهبي طور تي حساس، مقدس ۽ اسان جي ڪلچر جي منافي مواد تي پابندي جي لاءِ طريقيڪار تجويز ڪندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ڪميٽي کي سيڪريٽريل خدمتون فراهم ڪندي.