اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ان??ان?? حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته والاريل علائقي ۾ ڀارتي فوج هٿان وڏي پئماني تي ان??ان?? حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته والاريل علائقي ۾ نوجوان ڪشميري شمس الدين ولد ??ما?? الدين اڌم پور جي هڪ جاچ مرڪز ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ شهيد ٿي ويو، جنهن کي اٽڪل هڪ مهينو اڳ گهر مان گرفتاري کانپوءِ مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? چيو ته شمس الدين گم ٿيل پهريون ڪشميري نوجوان نه آهي ۽ نه اهو ان??ان?? حقن جي پائمالي جو پهريون واقعو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ نوجوانن کي هراست دوران ۽ فرضي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي. تر??ما?? چيو ته اسان والاريل ڪشمير ۾ حراست ۾ ٿيندڙ فوتگين بابت پ??هن??ي خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙي غيران??ان?? ڪاررواين ۽ ان??ان?? حقن جي خلاف ورزين جي ذميوارن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. تر??ما?? ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پ??هن??ي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.