اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي 50 سالا گولڊن جوبلي تقريبن جي موقعي تي ميمبرن ملڪ کي درپيش معاشي ۽ سياسي چئلينجن جو حل ڳالهين ذريعي ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان جي بقاءُ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت ۾ ??هي?? اسان کي پنهنجي انا لاءِ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سموري قومي قيادت کي هڪ پليٽ فارم تي گڏجي ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ گهرجي. سينيٽ جي قيام جي 50 سالا تقريبن جي آخري ڏينهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر مولابخش چانڊيو خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سينيٽ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، ??ن چيو ته قومون ۽ ٻوليون ننڍيون يا وڏيون ناهن هونديون پر نظرانداز ڪرڻ سبب اهو تاثر پيدا ٿيندو ??هي?? ذوالفقار علي ڀٽو محب وطن پاڪستاني قائد هو ان تي فخر ??هي?? سمورن پاڪستاني سياستدانن جو احترا?? ڪريون ٿا، هو سڀ اسان جا قومي اڳواڻ آهن، الله پاڪستان ۾ جمهوريت کي وڌيڪ مستحڪ?? ڪري، پنهنجي انا ۽ تڪبر لاءِ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني ليڊر سينيٽر منظور ڪاڪڙ چيو ته گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ سٺو قدم ??هي?? ان جو سڀ کان وڏو شرط ڪم جي نيت ??هي?? اسان کي آئين جي بالادستي ۽ پارليامينٽ جي بقاءُ لاءِ گڏجي ويهڻو پوندو، سينيٽر شميم آفريدي چيو ته پاڪستان جي عوام کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت اٽي جي آهي اهو مهيا ڪريو. سينيٽر پلوشه احمد زئي چيو ته جيڪڏهن اسان پڪو ارادو ڪري وٺون ته اسان آءِ ايم ايف بدر??ن متبادل ذريعن مان وسيلا حاصل ڪري سگهون ٿا، حڪومت کي مشڪل مرحلا درپيش ضرور آهن پر ايٽمي هٿيارن تي ڪو به ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، اسان سڀ پاڪستان جا سفير آهيون، سينيٽر محمد قاسم چيو ته پاڪستان ۽ جمهوريت 50 سال جي ڏکي رستي تان گذري آيا آهن پر نااميدي ناهي، سخت محنت جي ضرورت آهي اڄ جي حالتن مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته ڳالهين طرف اچڻ گهرجي. سينيٽر پروفيسر ساجد مير چيو ته آئين تي ان جي روح موجب عملدرآمد نه ٿيڻ س??ن ملڪي حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن، بار بار فوجي مداخلت نه ٿئي ها ته ملڪ جون حالتون بهتر هجن ها. هن چيو ته پارليامينٽ کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ گهرجن، هن چيو ته پارليامينٽ جو ڪردار مثبت هجڻ گهرجي ۽ ملڪ کي درپيش مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ اه?? ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سينيٽر هلال الرحمان چيو ته آئون سينيٽ چيئرمين ۽ هن پوري ايوان کي ڪامياب گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته سمورا پارليامينٽ جا ميمبر آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.