اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ??وٽ وٺڻ کانپوءِ حڪومت جي اتحادي پارٽين جي ميمبرن جي سيٽن تي وڃي انهن جا ٿورا مڃيا. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم تي اعتم??د جي قرارد??د جي منظوري کانپوءِ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن خوشي جو اظهار ڪندي ڊيسڪون وڄايون. وزيراعظم اعتماد جو ??وٽ وٺڻ کانپوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سيٽ تي وڃي ان جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ وزيراعظم جي يو آءِ (ف)، اي اين پي، بي اين پي مينگل، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻين م??مبرن جي سيٽن تي ويو ۽ هن انهن جا ٿورا مڃيا.