پشاور – 19 – اپريل (اي ??ي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي پيپلزپارٽي جي وفد سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان جي اباڻي رهائشگاهه عبدالخيل ۾ مذهبي معاملن واري وزير عبدالشڪ??ر جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وفاقي وزير قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان گڏ هئا. بلاول ڀٽو ز??دا??ي ۽ وفد جي ٻين ميمبرن مفتي عبدالشڪ??ر جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا ضياءَ الرحمان پيپلزپارٽي جي وفد جو عبدالخيل پهچڻ تي استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو ز??دا??ي اڳوڻي صدر آصف علي ز??دا??ي جو خصوصي پيغام مولانا فضل الرحمان کي پهچايو. ملاقات ۾ پاڪستان تح??يڪ انصاف سان حڪمران اتحاد جي ڳالهين بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا.