اسلام آباد / ڪراچي – 19 – مئي (ا?? پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي 9 مئي جي واقعن جي خلاف مذمتي قرار??اد منظور ڪندي واقعن جي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏنڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ بلاول هائوس ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هائبرڊ اجلاس منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ 9 مئي جي واقعن تي مذمتي قرار??اد منظور ڪئي وئي، قرار??اد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي 9 مئي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيش ايندڙ واقعن جي پرزور ۽ ڀرپور مذمت ڪري ٿي، قرار??اد ۾ سرگوڌا ۾ شهيدن جي يادگار کي نقصان پهچائڻ، جناح هائوس کي باهه لڳائڻ، دير ۾ ايف سي قلعي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، مردان ۾ ڪرنل شير خان جي مجسمي کي ٽوڙڻ، سوات موٽروي ٽول پلازه کي ساڙڻ، راولپنڊي جي ميٽرو اسٽيشن ۽ پشاور جي ريڊيو اسٽيشن کي باهه ڏيڻ، پشاور ۾ چاغي ماڊل ۽ ايڌي ايمبولينس کي تباهه ڪرڻ، ڪراچي ۾ مسافر بسن کي باهه لڳائڻ جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ نجي، سرڪاري ۽ فوجي ملڪيتن ۽ حساس ٺڪاڻن تي حملن کي پاڪستان رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي برابر قرار ڏنو ويو آهي، قرار??اد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڏهاڪن تائين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته پيپلزپارٽي پنهنجي ليڊرشپ جي هدايتن ج?? پيروي ڪندي ڪڏهن به تشدد جو رستو اختيار نه ڪيو، شهيد ذو??لف??ار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، مير شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي رت سان ونهجاريو ويو ويو پر پاڪستان پيپلزپارٽي ان سڀ جي باوجود پاڪستان کپي جو نعرو هنيو جيڪو سمورين پارٽين جي سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ روشن مثال آهي، قرار??اد ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ وڏي عمر ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ??ي قيد جڏهن ته پيپلزپارٽي عور?? شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي اڌ رات جو اسپتال مان جيل منتقلي جو ذڪر ڪندي چيو ويو ته ڪڏهن به سياسي ڏاڍ جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۽ ملڪي ادارن جي خلاف ڪڏهن جٿابندي ناهي ڪئي، قرار??اد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته 9 مئي جي واقعن جي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.