اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام ملڪ دشمنن ۽ دهشتگردن جي ماسٽر مائنڊ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام عمران خان جي دهشتگردي ۽ ملڪ دشمني جو حصو بڻجڻ جي لاءِ تيار نه آهي، عمران خان ڪنه?? کي تيار رهڻ جو چئي رهيو آهي؟ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگرد هٿياربند جٿي ۽ غنڊه قانون تحت گرفتار آهن، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، حساس سرڪاري عمارتن تي حملا، مسجدن، اس??ولن، چوپائي مال جي منڊين ۽ مريض?? کي روڊن تي لاهي ايمبولينس کي ساڙيندڙ ته گرفتار ٿي چڪا آهن، هاڻي عمران خان ڪنه?? کي آواز ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان آرام سان زمان پاڪ ۾ ويهي رهي، جيڪا باهه ا?? کي لڳائڻي هئي لڳائي ڇڏي، ٻيهر باهه نه لڳائڻ ڏينداسين. هن چيو ته عوام ملڪ دشمنن ۽ دهشتگردن جي ماسٽر مائنڊ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.