ڪراچي – 01 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ سمورن حصيدارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن انهن جي ڪ??ششن کي هم آهنگ ڪندي خصوصي ٻارن جي بحالي جو ڪم مڪمل ۽ بهتر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن ڪراچي (اي آر سي ڪ??) جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت سان گڏوگڏ خيراتي ادارن خصوصي ٻارن جي بحالي، تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ انهن کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۽ معاشرتي زندگي ۾ انهن جي شموليت جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته 9 سالن کان وڌيڪ عمر جي مختلف معذور ٻارن کي نادرا ۾ خصوصي حيثيت سان ??جسٽرڊ ڪري سگهجي ٿو جيڪو حڪومت پاران فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تائين انهن جي پهچ کي يقيني ??ڻائي ٿو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ خصوصي ٻارن ۽ انهن جي مخصوص ضرورتن جي حوالي سان معاشري ۾ آگاهي ۾ اضافو ٿيو آهي پر ملڪ ۾ اهڙن ٻارن جي انگ کي ڏسندي وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. صدر پٺتي پيل ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ بحالي جي مقصد جي لاءِ اي آر سي ڪ?? جي 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان ??اري ڪ??ششن کي ساراهيو ۽ تنظيم جي عهديدارن تي زور ڏنو ته اهي ان مقصد جي لاءِ ڪم ڪندڙ ٻين تنظيمن سان ??عاون کي فروغ ڏين ته جيئن انهن جي ڪ??ششن جو فائدو وڌ کان وڌ ٻارن کي پهچي سگهي. ان موقعي تي بيگم ثمينه عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ذريعي خصوصي ٻارن جي بحالي جي ڪ??ششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل انجمنن ۽ تنظيمن جي تعاون جي ضرورت آهي. اي آر سي ڪ?? جي وفد صدر کي ايسوسيئيشن جي ڪارڪردگي، انهن جي اسڪول ۾ دستياب سهولتن ۽ درپيش ??سئلن بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيگم ثمينه عارف علوي سان گڏ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن اسڪول ڪراچي جي خصوصي ٻارن جي تيار ڪيل دستڪاري ۽ فن پارن جو پڻ مشاهدو ڪيو ۽ انهن جي محنت ۽ فني ??وبصورتي کي ساراهيو.