اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ماحوليات جي بهتري انسانن جي گڏيل بق??ءَ جو مسئلو آهي، اجتماعي ڪوششن سان ئي ان چئلينج جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، بائيو ڊائيورسٽي جو تحفظ نوجوان نسل پنهنجي زندگي جو مشن بڻائين، ڪاربن فٽ پرنٽ ۾ گهٽتائي آڻڻ سان ماحولياتي تبديلين جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميرين لائيف، مائيڪرو آرگن ازمز، پلانٽس، فنگائي ۽ هر قسم جي جانور?? جو تحفظ زندگي جو تحفظ آهي. هن چيو ته نوجوانن ۽ ٻارن کي ماحولياتي آلودگي کان بچاءُ جي فورس بڻڻو پوندو. هن چيو ته پلينيٽ ارٿ جي بق??ءَ جي لاءِ ڪم ڪرڻ ايندڙ نسلن جي زندگي جو سوال آهي، هر ان شيءَ جو استعمال ترتيبوار ختم ڪرڻو آهي جنهن سان ماحول کي نقصان پهچي رهيو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال پهرين آگسٽ کان اسلام آباد مان پلاسٽڪ جي ٺهيل ڊسپوزيبل شين جي خاتمي جي مهم شروع ڪئي پئي وڃي جيڪو بهتر قدم آهي. پلاسٽڪ شاپنگ بيگ، پليٽ، چمچا، ڪانٽا، دٻا، ڪپ، پيالا، ڇري ۽ اهڙي قسم جي هڪ ڀيرو استعمال جي شي?? جو مرحليوار خاتمو اولين ترجيح آهي، اسٽرا، پلاسٽڪ جي ڍڪڻ واري شين ۽ شربت جي لاءِ پلاسٽڪ جي لفاف?? جو استعمال پڻ ترتيبوار ختم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اڄ پلاسٽڪ ۽ ان سان ٺهيل شين سان پکڙجندڙ ماحولياتي آلودگي ختم ڪرڻ جو وچن ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پلاسٽڪ ڪراڪري ۽ ٻيون شيون ٺاهيندڙ ڪاروباري ماڻهن به تعاو?? جو يقين ڏياريو آهي، واضح تبد??لي جي لاءِ عوام تعاون ڪري، ماحوليات واري وزارت جو پلاسٽڪ ڊسپوزيبل شين جي استعمال جي خاتمي جو پلان اهم اڳڀرائي آهي.