اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليف??ين??ٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان پاڪستان ۾ جمهوريه قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اين ڊي ايم اي چيئرمين جمهوريه قازقستان طرفان وزيراعظم رليف فنڊ لاءِ عطئي تي شڪريو ادا ڪيو. هن ايندڙ سردي جي موسم دوران ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ??اري رکڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻوڏ 2022ع ۾ پاڪستان جي قومي ڪوششن جي صلاحيت و??ائ?? تي اتفاق ڪيو ويو. آفتن جي خاتمي، آگاهي، تياري ۽ رليف، ريسڪيو ۽ بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي مرحلن ۾ وڌيڪ ٻطرفي ۽ گهڻ رخو علائقائي تعاون قائم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو. قازقستان جي سفير تجويز پيش ڪئي ته قازقستان جي ايمرجنسي ريسپانس جي وزير ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين وچ ۾ شروعاتي آن لائين ملاقات بعد گڏيل تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ لاءِ قازقستان جي اعليٰ سطحي نمائندن جي وفد جو پاڪستان جي دوري جو اهتمام ڪيو ويندو.