اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي ڪنهن سان دشمني نه آهي، نه ڪنهن کان بدلو وٺڻ چاهيان ٿو، جيستائين ليڊ??شپ جو احتساب نه ٿيندو ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ وڌندڙ فرق ترقي جي ??اهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڪشمير جو مسئلو پوائنٽ آف نوريٽرن تي پهچي ويو آهي، ميرٽ ۽ ليڊ??شپ جو احتساب جمهوريت جو بنيادي اصول آهي، ملڪ ۾ صحيح معنيٰ ۾ احتساب جو عمل نه هليو ته اسان اڳتي نه وڌي سگهنداسين. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ سيشن دوران پنهنجي ??طاب ۾ وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسي، معيشت جي ??ورتحال، پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي ڪاميابين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.