اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقياتي ۽ خصوصي قدمن واري ??فاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس ۾ صوبن سان تعليمي ادارن ۾ ??حت جي رهنما اصولن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جمعي ڏينهن صوبن کي هدايت ڪئي ت?? هو ويجهڙائي ۾ اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن کي ٻ??هر کولڻ جي اعلان کان پهرين ??حت کاتي طرفان جوڙيل ??حت ۽ حفاظت جي رهنما اصولن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ متاثر ماڻهن جي رابطي جي نشاندهي ۽ انهن کي قرنطيه ڪرڻ جي قدمن کي وڌيڪ بهتر ڪري، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي هٿن کي ڌوئڻ جي انتطامن، مخصوص ٽيسٽنگ ۽ مائيڪرو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي تازه ترين صورتحال ۽ تعليمي ادارن کي ٻ??هر کولڻ جي حوالي سان منصوبابندي جي حوالي سان تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.